انوکو ميلاپ، موسمياتي تبديلين سبب گڏيل نسل وارا پکي ڄمڻ لڳا!

هڪ انوکي پکيءَ جي موجودگيءَ آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ سائنسدانن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
اِهو پر اسرار پکِي، جنهن جي پرن جو رنگ نيرو ۽ سائو ٻئي رنگ چمڪي رهيا آهن، حقيقت ۾ بليو جي (Blue Jay) ۽ گرين جي(Green Jay) جي نسلن جو هڪ ناياب ميلاپ ( هائبرڊ) يعني گڏيل نسل وارو آهي جيڪو قدرتي طور تي پيدا ٿيو آهي ۽ جنهن جو وجود ممڪن نه هجي ها جيڪڏهن ماحولي تبديلي ۽ انساني پکيڙ نه هجن ها.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ميلاپ ڪنهن اتفاق جو نتيجو نه آهي پر علائقائي حدن ۾ تبديلي جو اثر آهي جيڪو موسمياتي تبديلي ۽ انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيو.
ماضي ۾ ٻنهي پکين جا قدرتي علائقا 200 ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تي هئا. بليو جي عام طور اوڀر اتر آمريڪا ۾ ملي ٿو جڏهن ته گرين جي گهڻو ڪري ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا جي گرم علائقن ۾ رهي ٿو.
پر هاڻي ماحولي تبديلي ٻنهي جا رستا ملائي ڇڏيا آهن ۽ ان مان ڪجهه دلچسپ نتيجا نڪري رهيا آهن. ٻنهي جي ميلاپ سان پيدا ٿيندڙ هن ٻه رنگي نيري-سائي نر کي برو (Brue) نالو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

سائنس جي دنيا ۾ پهريون واقعو
تحقيقي ٽيم جي سربراهه برائن اسٽوڪس موجب هي پهريون موقعو آهي جو اسان جهنگلي ماحول ۾ اهڙو هائبرڊ ڏٺو آهي جيڪو موسمي تبديلي جي ڪري پيدا ٿيو هجي.
هن چيو ته جينياتي جاچ پڙتال مان ثابت ٿيو آهي ته هي نئون پکي هڪ نر بليوجي ۽ هڪ مادي گرين جي جو ٻار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته نه رڳو شڪل پر رويو به ٻنهي والدين جهڙو آهي ، هي پکي نه رڳو ظاهري طور منفرد آهي پر ان جو رويو به دلچسپ آهي.
برو ٻنهي پکين جا آواز ڪڍي ٿو ۽ ان جي پرن ۾ نيرو ۽ سائو رنگ حيرت جوڳي توازن سان موجود آهن.
ان کانسواءِ هن ۾ اها ذهانت به نوٽ ڪئي وئي آهي جيڪا ڪروڊ (Crow) خاندان جي پکين ۾ هوندي آهي.

فطرت جو انوکو تجربو يا نئين دور جي شروعات؟
ماهرن جو چوڻ آهي ته شايد هي رڳو هڪ عارضي مظاهرو آهي يا وري اهڙن هائبرڊز جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي.
بهرحال هي واقعو هڪ مثال آهي ته ماحولي تبديلي ڪهڙي ريت قدرت کي نوان دڳ ڏيکاري رهي آهي، جن ۾ ڪڏهن تعجب، ڪڏهن خوبصورتي ۽ ڪڏهن ڳڻتي جوڳا عنصر شامل ٿين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.