ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻن ڪپتان ۽ عالمي شهرت يافتا بيٽر اي بي ڊيويلئرز به ايشيا ڪپ دوران ڀارتي ٽيم جي اسپورٽس مين اسپرٽ خلاف روين تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اي بي ڊيويلئرز چيو ته ڀارتي ٽيم شايد خوش نه هئي جنهن کان ٽرافي وٺڻي هئي، مون کي نه ٿو لڳي ته ان جو راند سان ڪو تعلق آهي.
هن چيو ته سياست کي راند کان الڳ رکڻ گهرجي، راند هڪ الڳ شيءِ آهي ۽ ان جو جشن ملهائڻ گهرجي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ايشيا ڪپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ سڀ ڪجهه ڏسي ڏک ٿيو، اميد آهي ته معاملن کي جلد حل ڪيو ويندو، ان صورتحال سبب راند ۽ رانديگرن کي مشڪلاتون پيش آيون، ۽ اهي سڀ ڏسي مون کي نفرت محسوس ٿي.
اي بي ڊيويلئرز علائقي جي سياست کي راند جي ميدان کان الڳ رکڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته اهي سڀ ڏسي سٺو نه لڳو.
You might also like