رانديگرن جي اين او سي روڪڻ وارو معاملو، آسٽريلوي بورڊ کي ڦڦڙي، پي سي بي سان رابطو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او ٽوڊ گرينبرگ اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي هن سال به بيگ بيش ليگ (بي بي ايل) ۾ کيڏڻ جو موقعو ملندو.
ٽوڊ گرينبرگ پي سي بي طرفان رانديگرن جي اين او سي روڪڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان رانديگرن جي اين او سي روڪڻ واري فيصلي تي ڳالهايو آهي.
هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پي سي بي سان رابطي ۾ آهيون، اميد آهي ته اسان ڪو حل ڪڍي وٺنداسين ۽ بي بي ايل جو هي شاندار سيزن ثابت ٿيندو.
ٽوڊ گرينبرگ چيو ته اسان رانديگرن کي بيگ بيش ليگ ۾ ڀليڪار چوڻ جا منتظر آهيون، اسان کي پَڪ آهي ته پاڪستاني رانديگر بي بي ايل جي ويليو ۾ واڌارو ڪندا.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي سي بي پنهنجن رانديگرن جا پرڏيهي ليگز لاءِ اين او سي هولڊ ڪري ڇڏيا هئا.
ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي اين او سي انهن ئي رانديگرن کي ڏيندو جيڪي بين الاقوامي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪارڪردگي جي معيار تي پورا لهندا.
پاڪستان جي طرفان بابر اعظم، شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ شاداب خان سميت 7 پاڪستاني بي بي ايل جو حصو آهن ۽ بِگ بيش ليگ جا مقابلا ڊسمبر کان شروع ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.