غزا ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيل جي ڪاهه، اڳوڻي پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد سميت ڪيترائي گرفتار

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ڏانهن امداد کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيل ڪاهه ڪري ڇڏي ۽ فلوٽيلا ۾ موجود پاڪستان جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي اسرائيلي فورسز حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
اسرائيلي فوجي ٻيڙين 40 کان وڌيڪ ٻيڙين تي ٻڌل گلوبل فلوٽيلا کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڪيترين ئي ٻيڙين تي پاڻي جو توپون هلائي ڇڏيون.
غزا جي عوام لاءِ امداد کڻي ويندڙ ان فلوٽيلا تي پاڪستان جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد ۽ جڳ مشهور سماجي اڳواڻ گريٽا ٿنبرگ سميت 500 کان وڌيڪ ماڻهو سوار آهن.
فلوٽيلا انتظاميا موجب اسرائيلي فوجي هڪ جهاز ۾ داخل ٿيا ۽ جهاز تي سوار سڀني ميمبرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پاڪ فلسطين فورم طرفان سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي به قابض اسرائيلي فورسز حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف اسرائيل طرفان گلوبل صمود فلوٽيلا تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حراست ۾ ورتل سڀني ماڻهن جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.
گلوبل صمود فلوٽيلا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي بحريا جي مسلسل ڪارروائين باوجود گلوبل صمود فلوٽيلا جون 30 ٻيڙيون غزا ڏانهن وڌي رهيون آهن.
هوڏانهن انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل گلوبل صمود فلوٽيلا جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.