لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي جي بيان تي کيس مناظري جو چيلينج ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پ پ جي سنڌ ۾ 17 سالن کان حڪومت آهي ۽ مريم نواز جي پنجاب ۾ حڪومت کي ٻه سال به ناهن ٿيا، توهان 17 سالن ۾ پنهنجا 17 عوامي ڀلائي جا منصوبا نٿا ڳڻائي سگهو، جڏهن ته مريم نواز ڏيڍ سال ۾ 90 منصوبا شروع ڪري ڇڏيا، جن مان 50 مڪمل ٿي چڪا آهن، ڪراچي جا ماڻهو پاڻ لاهور جي روڊن ۽ صفائي جي تعريف ڪندا آهن.
هن چيو ته مريم نواز پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي 10-10 لکن جا امدادي چيڪ ڏئي رهي آهي، مان شرميلا فاروقي سان مناظري لاءِ تيار آهيان، اچو ڪارڪردگي ۾ مقابلو ٿا ڪيون.
Prev Post
You might also like