مريم نواز سنڌي قوم کان معافي وٺي:سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد مطالبو ڪيو آهي ته تڪراري ڪينالن ۽ ڊيمن واري معاملي تي وزيراعليٰ پنجاب ڏنل بيان تي سنڌي قوم کان معافي وڃي، وزيرن جي معذرت کي سنڌي عوام قبول نه ڪندو، سارين جو في مڻ اگهه 4000 مقرر ڪيو وڃي، سارين جي اگھ گھٽ ملڻ خلاف 8 آڪٽوبر تي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمد خان جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. اتحاد جو اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪمند جو اگھ 600 روپيا في مڻ، سارين جو اگھ 4000 في مڻ ۽ ڪڻڪ جو اگھ 4500 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده اگھن سان خرچ به نٿو نڪري خرچ وڌيڪ آھن ۽ اگھ نه ھجڻ برابر آھن. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور تي ڪمند جي اگھ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته شگرملز ھلڻ شروع ٿيڻ واريون آهن. اجلاس ۾ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي اگھ جو نوٽيفڪيشن فوري طور جاري ڪيو وڃي، جيڪو 4500 روپيا في مڻ ھجي ان معاملي تي ڪو ٻيو بھانو سبسڊي وارو ڊرامو بند ڪيو وڃي، ڀاڻ سبسڊي جي نالي ۾ آبادگارن سان دوکو ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ بدين جي آبادگارن سان رائيس ملرز جي اڳواڻ پاران ڪيل ڊپٽي ڪمشنر جي موجودگي ۾ بدتميزي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آبادگارن کي اپيل ڪئي وئي ته ان سان ڪاروباري  بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.