اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڇو ڪئي وئي؟ اصل سبب سامهون اچي ويو. اصل سبب عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي اگهن ۾واڌ نه، پر ڪجهه ٻيو آهي. حڪومت گذريل رات پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اوچتو واڌ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. هاڻ پيٽرول 4 رپيا 7 پيسا وڌي 268 رپيا 68 پيسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل 4 رپيا 4 پيسا وڌي 276 رپيا 81 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومتي دستاويزن مطابق، پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي فريٽ مارجن يعني پهچ جي لاڳت وڌائي وئي آهي. پيٽرول تي فريٽ مارجن في ليٽر 2 رپيا 40 پيسا وڌايو ويو، جيڪو هاڻ 8 رپيا 69 پيسا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي. اهڙي ريت، ڊيزل تي به فريٽ مارجن 2 رپيا 9 پيسا وڌايو ويو. فريٽ مارجن اصل ۾ ٽرانسپورٽ يا پهچائڻ جو خرچ هوندو آهي. يعني جڏهن پيٽرول يا ڊيزل آئل ريفائنري مان نڪري مختلف شهرن ۽ پيٽرول پمپ تائين پهچايو ويندو آهي ته ان جي پهچ تي ڪجهه خرچ ايندا آهن.اهي سمورا خرچ هاڻي عوام تي منتقل ڪيا ويا آهن. حڪومت پيٽروليم شين جي قيمت ۾ “فريٽ مارجن” شامل ڪري عوام کان اهي خرچ وصول ڪري رهي آهي.