مداح عاليا ڀٽ کي چنبڙي پيو، اداڪارا وائڙي!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ سان هڪ مداح زبردستي تصوير ڪڍرائڻ جي ڪوشش ۾ سندس ٻانهن پڪڙي ورتي، جنهن تي اداڪارا وائڙي ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ۾ اداڪارا ڪاجول ۽ راني مکرجي جي خاندان مذهبي تقريب جو اهتمام ڪيو، 32 ورهين جي عاليا ڀٽ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتي ته مداح سندس ٻانهن پڪڙي ورتي ۽ تصوير ڪڍرائڻ لاءِ زور ڀريو.
اوچتو پيش آيل واقعي تي عاليا وائڙي ٿي وئي ۽ ٿوري بدنظمي پيدا ٿي پر اداڪارا صبر کان ڪم وٺندي صورتحال کي سنڀالي ورتو.
عاليا ڀٽ اتي موجود سيڪيورٽي اهلڪارن کي روڪي ورتو ۽ چيو ته گهڻو گوڙ نه ڪيو، ان کانپوءِ هن مداح سان تصوير ڪڍرائي ۽ اڳتي وڌي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.