جعلي ثنا جاويد فالوئرز جي ڊوڙ ۾ اصلي کي به مات ڏئي ڇڏي

اداڪارا ثنا جاويد سوشل ميڊيا تي پنهنجي نالي سان ٺاهيل جعلي فيس بُڪ اڪائونٽ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو.
ثنا جاويد انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ان جعلي اڪائونٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي حيرت جو اظهار ڪيو ته ان کي ميٽا طرفان ڪيئن تصديق ٿيل (ويريفاءِ) قرار ڏنو ويو.
اداڪارا واضح ڪيو ته جنهن اڪائونٽ تي فالوئرز جو انگ وڌيڪ آهي، اهو حقيقت ۾ سندس نالي سان ٺاهيل جعلي اڪائونٽ آهي.
هن مداحن کي درخواست ڪئي ته اهي جعلي اڪائونٽ کان باخبر رهن، مان فيس بُڪ تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي به ان معاملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جلد جعلسازن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.