پهلگام واقعي تي ٻڌل پاڪستاني ٽيلي فلم ”بي گناهه“ جو ٽيزر جاري

پهلگام واقعي تي ٻڌل پاڪستاني ٽيلي فلم ”بي گناهه“ جو پهريون ٽيزر جاري ٿي ويو.
اها فلم هلندڙ سال اپريل ۾ والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ پيش آيل واقعي تي ٻڌل هوندي.
هلندڙ سال اپريل ۾ والاريل ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ اوچتو فائرنگ جي واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 ڄڻا مارجي ويا هئا.
ڀارت ان حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو ۽ ان جي جواز طور پاڪستان خلاف آپريشن سندور شروع ڪيو.
پوءِ پاڪستان به جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، جن ۾ فرانسيسي رافيل به شامل هئا ۽ ان ڪارروائي کي پاڪستان ”معرڪه حق“ جو نالو ڏنو.
ڀارت ان واقعي تي ٻڌل فلم ”آپريشن سندور“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو پر پاڪستان ڀارتي پروپيگنڊا کان اڳ ئي ان واقعي تي ٻڌل فلم ”بي گناهه“ جي رليز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽيلي فلم جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪهاڻي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڀارت طرفان پاڪستان تي دهشتگردي جا ڪوڙا الزام لڳايا ويندا ۽ پاڪستان جي جوابي ڪارروائي کي اجاڳر ڪيو ويندو.
پروڊيوسر موجب فلم ڀارتي پروپيگنڊا جو جواب آهي ۽ ان کي حوصلي ۽ قرباني جي ڪهاڻي طور پيش ڪيو ويو آهي.
ٽيلي فلم جي ڪهاڻي علي معين ۽ عرفان چانڊيو لکي آهي، جڏهن ته هدايتڪاري شمعون عباسي جي آهي، فلم ۾ شمعون عباسي، حسن نيازي، فراز فاروقي، ڪامران جيلاني، سليم شيخ ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.