جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ڪيترائي نوان فيچرز شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميٽا جي ملڪيت ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ٿيندا رهندا آهن.
ڪمپني طرفان واهپيدارن جي گهرجن کي نظر ۾ رکندڙ ميسجنگ ايپ ۾ وڌيڪ اهم فيچر آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ نون فيچرز بابت ڄاڻايو ويو آهي جيڪي هوريان هوريان متعارف ڪرايا پيا وڃن ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا.
انهن مان هڪ لائيو ۽ موشن فوٽوز پارپ فيچر پڻ جيڪو بنيادي طور اهو ساڳيو فيچر آهي، پر آءِ فون واهپيدارن لاءِ ان کي ”لائيو فوٽوز” جڏهن ته اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ ”موشن فوٽوز“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
لائيو يا موشن فوٽوز مان مراد ننڍڙا آڊيو يا وڊيو ڪلپس آهن، جيڪي واهپيدار تصوير ڪڍندي رڪارڊ ڪري پنهنجي دوستن سان شيئر ڪري سگهندا.
واٽس ايپ ۾ ميٽا اي آءِ جو ڪردار به وڌيڪ وڌايو پيو وڃي.
هاڻي واهپيدار ان کي پرسنلائز چيٽ ٿيمز ۽ وڊيو ڪالز يا چيٽس ۾ شيئر ٿيندڙ ميڊيا لاءِ انوکي بيڪ گرائونڊس ٺاهڻ ۾ استعمال ڪري سگهندا.
هي اصل ۾ ٻه فيچرز آهن جنهن ۾ هڪ ”چيٽ ٿيمز وِد ميٽا اي آءِ ۽ ٻئي جو نالو ”بيڪ گرائونڊ وِد ميٽا اي آءِ“ آهي.
جيڪي ماڻهو اسٽيڪرز استعمال ڪرڻ جا شوقين آهن، تن لاءِ واٽس ايپ طرفان نوان اسٽيڪر پيڪ متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن ۾ ”فير ليس برڊ“، ”اسڪول ڊيز“ ۽ ”ويڪيشن” وغيره شامل آهن.
هڪ نئون فيچر ”گروپ سرچ“ جو آهي.
ان فيچر ذريعي گروپ چيٽ ڳولڻ وڌيڪ سولو بڻجي ويندو، يعني ڊگهي لسٽ ۾ اسڪول ڪرڻ بدران واهپيدار رڳو ڪنهن دوست جو نالو سرچ ڪندا ته اهي هڙئي گروپس سامهون اچي ويندا، جن ۾ ٻئي گڏ ميمبر هوندا.
آخري فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ آهي
ان فيچر تحت اينڊرائيڊ واهپيدار واٽس ايپ اندر ئي دستاويزن کي اسڪين ڪري سگهندا، يعني ڪنهن به ٿرڊ پارٽي ايپ جي ضرورت نه پوندي.
اِهو فيچر آءِ او ايس صارفين ڊگهي عرصي استعمال ڪري رهيا آهن، پر هاڻي اهو اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو پيو وڃي.