ننڍي عمر جي شادي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وڏو فيصلو اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ننڍي عمر جي شادي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وڏو فيصلو سامهون اچي ويو، عدالت 15 ورهين جي ڇوڪريءَ کي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعظم خان ننڍي عمر جي شادي بابت ڪيس ۾ 24 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ننڍي عمر جي شادي شريعت ۾ باطل ناهي، پر قانون تحت ڏوهه آهي، مديحا بي بي عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ والدين وٽ نه وڃڻ ۽ مڙس سان گڏ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ڪرائسز سينٽر ۾ قيام دوران به ڇوڪريءَ پنهنجي مرضي سان مڙس سان گڏ رهڻ جو چيو، شريعت موجب بلوغت ۽ رضامندي کانپوءِ نڪاح درست آهي.
عدالت چيو ته اسلام آباد چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025 تحت 18 سالن کان ننڍي عمر ۾ شادي ڏوهه آهي، نڪاح نامي ۾ ڪنوار جي عمر تقريبن 18 سال داخل ڪئي وئي، جڏهن ته نادرا رڪارڊ موجب 15 سال آهي.
عدالتي فيصلي ۾ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 1929، مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961 جا حوالا شامل ڪيا ويا ۽ عدالت چيو ته اسلام آباد چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025 تحت 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي ڏوهه آهي.
عدالت فيصلي ۾ سفارشون ڏيندي ان جي ڪاپي سڀني لاڳاپيل وزارتن ۽ فيملي ڪورٽس جي ججن کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت فيصلي ۾ سفارش ڪئي ته شادي، نابالغي ۽ فوجداري قانونن ۾ هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي، نڪاح رجسٽرارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي 18 ورهين کان گهٽ عمر جي شادي رجسٽرڊ نه ڪن، نادرا جي سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن تصديق بنا نڪاح نامو جاري نه ٿئي.
فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عوام ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي ته جيئن ننڍي عمر جي شادي جي نقصانن کان بچي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.