مريم نواز جي بيان تي شرميلا فاروقي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته مريم نواز ڌمڪيون ڏئي ۽ اسان حڪومتي بينچن تي ويٺا رهون.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته بيان بازي جو سلسلو گهڻن ڏينهن کان جاري هو، جيڪو هاڻ وڌي ويو آهي، مريم نواز غير مناسب گفتگو ڪئي، حڪومتيون ائين ناهن هلنديون ته منهنجو پيسو ۽ منهنجو پاڻي.
هن چيو متاثرن کي وڃي سلائي مشينون ڏيڻ مدد ناهي، توهان اتحادين جي عزت نه ڪندئو ته اسان حڪومتي بينچن تي ڇو ويهنداسين، هي وقت بيان بازي جو نه پر ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ گڏجڻ جو آهي، ڪو اتحادي اهڙي گفتگو برداشت نٿو ڪري سگهي.
سندس چوڻ هو ته اهو توهان جو پاڪستان جي عوام جو پاڻي آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد جو مطالبو پنجاب نه وفاق کان ڪيو پيو وڃي، اهو نٿو ٿي سگهي ته توهان ڌمڪيون ڏيو ۽ اسان حڪومتي بينچن تي ويٺا رهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.