گوگل طرفان نئين سرچ چيٽ بوٽ مصنوعي ڏاهپ( آرٽيفيشل انٽيليجنس/ اي آءِ) واري موڊ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
گوگل سرچ ۾ موجود اي آءِ موڊ ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن هي ٽول ويزول يا تصويري سرچ لاءِ وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي.
ڪمپني موجب، ان اڳ جڏهن اي آءِ موڊ کان تصويرن بابت سوال ڪيا ويندا هئا ته اهو تمام گهڻو ٽيڪسٽ استعمال ڪندو هو.
گوگل سرچ جي نائب صدر روبي اسٽين تسليم ڪيو ته اهڙي قسم جي سرچز ۾ ٽيڪسٽ ڏسڻ کِل جوڳو محسوس ٿيندو هو ۽ انهيءَ ڪري ڪمپني نئين اپڊيٽ ڪئي آهي.
هاڻي جڏهن واهپيدار ڪنهن تصوير بابت پڇندو ته سرچ اي آءِ چيٽ بوٽ وڌيڪ بهتر جواب فراهم ڪندو.
نئون فيچر ملٽي ماڊل تي آڌاريل آهي، يعني واهپيدار ڪنهن تصوير يا وڊيو ذريعي چيٽ بوٽ سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪري سگهندو.
گوگل جو چوڻ آهي ته هي فيچر خاص طور تي شاپنگ لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو.
اي آءِ موڊ جي شروعاتي جواب کانپوءِ واهپيدار فالو اپ سوالن ذريعي سرچ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهندا.
ڪمپني موجب، نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ هفتن ۾ اهو سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو۔
You might also like