ڀارتي مردن کانپوءِ مايون پاڪستاني وومينز ٽيم سان هٿ ملائينديون يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ايشيا ڪپ کانپوءِ آءِ سي سي وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کي به سياست ور چاڙهڻ جو پهه ڪري ورتو آهي.
ڀارتي صحافي بوريا مجمدار سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته ” ايشيا ڪپ ۾ شروع ٿيل سلسلو وومينز ورلڊ ڪپ ۾ به جاري رهندو، فرق رڳو جنس جو هوندو، يعني مردن کان پوءِ هاڻي عورتن جي مقابلي ۾ به ”نو هينڊ شيڪ“ وارو عمل ورجايو ويندو.“
هن وڌيڪ چيو ته” عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وومينز مقابلي دوران ساڳي صورتحال نظر ايندي جيڪا ايشيا ڪپ رهي.“
هن دعويٰ ڪئي ته وومينز ورلڊ ڪپ مقابلي ۾ به پاڪستان ڀارت جون رانديگرياڻيون هڪٻئي سان هٿ نه ملائينديون.
ياد رهي ته وومينز ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 5 آڪٽوبر تي شيڊيول آهي.
ڀارت تازو ئي ايشيا ڪپ ۾ راند کي سياست ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جتي ڀارتي رانديگر ڪنهن به ميچ ۾ پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملايو ۽ پوءِ فائنل کٽڻ بعد ڀارتي ڪپتان ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقويءَ کان ٽرافي به نه ورتي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.