ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا.
ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا ويجهو غزه بند واري علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان مقابلي دوران 2 سيڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿيا.
ذريعن موجب، گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن دوران شديد فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو .
You might also like