دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر صائم ايوب ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا کان ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن کسي ورتي.
آل رائونڊرز جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر صائم ايوب پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي ۽ ڀارت جو هاردڪ پانڊيا ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته افغانستان جو محمد نبي ٽئين نمبر تي آهي.
بيٽرز رينڪنگ ۾ ڀارت جو اڀيشيڪ شرما پهرئين نمبر تي آهي، پاڪستان جو صاحبزاده فرحان 11 درجا ترقي بعد 13هين نمبر تي پهچي ويو ۽ ڀارت جو سنجو سيمسن 8 درجا ترقي کانپوءِ 31هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ايشيا ڪپ جي آخري گروپ ۾ ميچ ۾ ڀارت خلاف سينچري اسڪور ڪندڙ سريلنڪا جو پاٿُم نسانڪا پنجين نمبر تي پهچي ويو، ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو اٺين نمبر تي اچي ويو.
رينڪنگ ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي تنزيلي ٿي، بابر 37هين ۽ رضوان 41هين نمبر تي هليو ويو آهي.
بالرن رينڪنگ ۾ ڀارت جي ورون چڪرورتي جو پهريون نمبر آهي، پاڪستان جو ابرار احمد ستين نمبر تي اچي ويو. ڀارت جو ڪُلديپ يادَو 12هين ۽ پاڪستان جو شاهين آفريدي 14هين نمبر تي پهچي ويو.
ان کانسواءِ پاڪستان جو حارث رئوف 33هين ، محمد نواز 41هين ۽ فهيم اشرف 35هين نمبر تي موجود آهن.