پاڪستان ۾ ٻه وڏا ڇڪا هڻڻ واري کي ٽيلنٽ سمجهيو ويندو آهي،پر حقيقي ميچ ونر تِلڪ جهڙا هوندا آهن: محمد يوسف

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف ڀارتي بيٽر تِلاڪ ورما جي بيٽنگ جي واکاڻ ڪندي کيس انتهائي ”سياڻو“ رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو.
محمد يوسف چيو ته تلاڪ ورما دٻاءَ هيٺ جهڙي ريت بيٽنگ ڪئي، اها ئي اصل قابليت آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن به رانديگر کي رڳو ٻه وڏا ڇڪا هڻڻ تي ٽيلنٽ سڏيو ويندو آهي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته حقيقي ٽيلنٽ اهو آهي جيڪو ٽيم کي ڏکين حالتن مان ڪڍي سگهي ۽ دٻاءَ واري صورتحال ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري.
دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آچر جي ڏينهن ڀارتي ٽيم پاڪستان کي پنج وڪيٽن سان شڪست ڏئي نائين ڀيرو ايشيا ڪپ جو خطاب کٽي ورتو.
پر ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ۽ ايشيا ڪپ جي آفيشل براڊڪاسٽر تي جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص جي چرچا هئا ته اهو تِلڪ ورما هو.
تِلڪ ورما جي ان اننگز تي اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ ان اننگز جي ڀيٽ 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف کيڏيل ويرات ڪوهلي جي تاريخي اننگ سان ڪئي.
ميلبورن جي ميدان تي ويرات ڪوهلي 82 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ڀارت هارايل ميچ ۾ فاتح بڻايو هو.
ميچ جي صورتحال
ايشيا ڪپ جي فائنل دنگل ۾ به ڪجهه اهڙي ئي قسم جي صورتحال نظر آئي. 147 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي اڀيشڪ شرما 5، شُڀمَن گِل 12، سوريا ڪمار هڪ رنس تي آئوٽ ٿي ويا، 20 رنسن تي ٽي ڄڻا آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ تِلڪ ورما ۽ سنجو سيمسن ٽيم کي سنڀاليو.
سنجو سيمسن ٽيم جي 77 رنسن تي 24 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کان پوءِ شيوم ڊوبي ۽ تلڪ ورما اسڪور ڪيو، شيوم ڊوبي 137 رنسن جي گڏيل اسڪور تي آئوٽ ٿيو پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
ڀارت آخري آور جي چوٿين بال تي هدف حاصل ڪري ايشيا ڪپ جو تاج ماڻي ورتو. تلڪ ورما 69 رنسن تي ناقابل شڪست رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.