اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي پاڪستان جي دوري دوران وي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
گهرو وزارت طرفان وفاقي راڄڌاني جي انتظاميا، پنجاب جي گهرو کاتي، پنجاب رينجرز ۽ لاهور توڙي راولپنڊي پوليس کي ان سلسلي ۾ هڪ خط لکيو ويو آهي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جي دوري کي وي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگھجي.
وفاقي حڪومت طرفان هڙني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هاءِ پروفائيل سيريز دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.
ياد رهي ته ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جو پاڪستان جو دورو 7 آڪٽوبر کان 9 نومبر 2025 تائين شيڊيول آهي، دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچوون کيڏيون وينديون.
Prev Post
You might also like