اسلام آباد( امتياز گل ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو جي موجودگي ۾ غزه بابت هڪويهه نڪاتي امن منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن سان گڏ هن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو خاص طور شڪريو ادا ڪيو۔ هن صورتحال پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال زنده ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا اهو ئي لنڊن پلان ته ناهي جنهن جو ذڪر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ماضي ۾ ڪيو هو۔اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي بريفنگن ۾ بار بار چيو هو ته پاڪستان کي اسرائيل سان مستقل دشمني رکڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته فلسطيني پاڪستان جا ويجها مٽ نه آهن۔ اها ئي سوچ غالباً بعد جي قدمن ۾ نظر اچي رهي آهي، جنرل باجوه پنهنجي رٽائرمينٽ جي آخري ڏينهن به واشنگٽن ۾ انهيءَ اميد سان گذاريا ته کين آمريڪي منظوري سان فوجي عهدن ۾ وڌيڪ توسيع ملي سگهي۔فلسطيني عوام جي اڪثريتي نمائندگي رکڻ جي باوجود حماس کي پس پرده ڪرڻ جي هيءَ ڪوشش بظاهر خطي ۾ "گريٽر اسرائيل” جي منصوبي سان ڳنڍيل ڏسجي ٿي۔ هن منصوبي تحت مختلف عرب رياستن جي حصن کي هڪ وڏي اسرائيلي بلاڪ ۾ ضم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته جيئن مزاحمت جي هر صورت کي ڪچلي غزه کي هڪ کليل جيل ۾ بدلائي ڇڏيو وڃي۔ابوزر سلمان نيازي جي هڪ مضمون ۾ اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته پاڪستان فلسطين ۽ ڪشمير لاءِ انصاف جو مطالبو ته ڪري ٿو پر پنهنجي شهري ۽ اپوزيشن جماعتن کي انصاف ڇو نٿو ملي۔