لاهور(بيورو)پنجاب جي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پنجاب جي وسيلن، خزاني ۽ پاڻيءَ تي سڀ کان پهرين پنجاب جو حق آهي، ان کان پوءِ ڪنهن ٻئي جو۔ هن چيو ته پنجاب جي ٻوڏ تي سياست ڪرڻ جو مشورو توهان کي مودي ڏنو هو ۽ لساني ۽ صوبائيت کي توهان ئي هوا ڏئي رهيا آهيو۔ عظميٰ بخاري چيو ته سوالن جا جواب اسيمبلي ۾ ڏنا وڃي سگهن ٿا، جيڪڏهن توهان اسيمبلي ۾ نه ٿا اچو ته توهان جا ماڻهو ته اتي موجود آهن۔ هن چيو ته ميڊيا تي اچي پنجاب جي ٻوڏ تي مرده سياست کي زنده ڪيو ويو آهي ته جواب به ميڊيا تي ئي ڏنو ويندو۔ عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز وڏي وزير پنجاب جي حيثيت سان عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندي ۽ جيڪڏهن ڪو پنجاب ۾ رهي ڪري پنجاب جي حق ۾ ڳالهائي نٿو سگهي ته ان کي پنجاب ڇڏڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ تي ٻن ڏهاڪن کان هڪ ئي خاندان جو قبضو آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگي به سڀني تي عيان آهي