اسلام آباد(بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته 8 اسلامی ملڪن جي منصوبابندي تحت فلسطين ۾ هڪ امن فورس تعينات ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته پاڪستان به اها فورس فلسطين موڪلڻ بابت فيصلو ڪندو.اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ ملاقات ۾ 8 مسلم ملڪن جو صرف هڪ ئي ايجنڊا هئي، غزہ ۾ فوراً جنگ بند ڪرائڻ جون ڪوششون، جنگ بند ٿيڻ بعد غزہ جي تعمير نو، ۽ مغربي ڪناري تي اسرائيل جو قبضو روڪيو وڃي، هن چيو ته ان منصوبي تحت فلسطين ۾ امن فورس تعينات ڪئي ويندي، جڏهن ته انڊونيشيا 20,000 فوجي موڪلڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان به فورس موڪلڻ بابت فيصلو ڪندو.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته هن گڏجاڻي دوران اقوامِ متحده ۾ فلسطين جي صورتحال تي به زور ڀريو ۽ غزہ ۾ جاري ظلم ۽ بربريت جي معاملي کي آواز ڏنو ويو. هن زور ڏنو ته فلسطين جي معاملي کي سياست کان پري رکيو وڃي ۽ فلسطين مان اسرائيل جي مڪمل انخلا لاءِ پرعزم آهن. اسحاق ڊار چيو ته فلسطيني اٿارٽي به اِن اَٺ ملڪن جي گڏيل قدمن کي خوش آمديد چيو آهي.اسحاق ڊار آخر ۾ چيو ته ميدان تي فلسطيني قانون نافذ ڪندڙ ادارا ڊيل ڪندا ۽ کيس اميد آهي ته حماس پڻ معاهدي جي مخالفت نه ڪندي. هن چيو ته غزه بابت ٽرمپ انتظاميه کي جيڪو آخري منصوبو ڏنو ويو هو، آمريڪا اهو ئي جاري نه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته تجويز ڪيل نڪتن ۾ ترميمون ٿيڻ بعد هڪ متفقه مسودو تيار ڪيو ويو هو.هن چيو ته فلسطيني اٿارٽي امن معاهدي جو ڀليڪار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ امتِ مسلمه جي ڀرپور ترجماني ڪئي، جيڪا انهن سڀني ڪوششن جو نتيجو آهي جيڪي پاڪستان سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن گڏجي ڪيون.