ماڙي انرجي خلاف ڌرڻو جاري،صحافين خلاف ڪيس تي 4 اهلڪار معطل

ڏھرڪي/ميرپورماٿيلو (رپورٽ: اجيت ڪمار+علي وسير) ماڙي انرجي ڪمپني اڳيان لڳاتار 13 ڏينهن کان شاگردن جي لڳل ڌرڻي تي قومپرست پارٽين جا اڳواڻ شريڪ شاگردن جي هلندڙ تحريڪ ۾ مڪمل ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جسقم شهيد بشير خان جي اڳواڻ ميرحسن لاشاري، سنڌ دانهن فورم جي اڳواڻ حيدر خان شر، قومي عوامي تحريڪ جي تراب شر، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڪمال مهر نظير احمد شيخ  ماڙي انرجي ڪمپني اڳيان شاگردن جي لڳل ڌرڻي ۾ پھتا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلع گهوٽڪي صنعتي زون آهي پر مقامي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ڏنو وڃي، صنعتي ادارن م ڌاريا گهرائي ڀرتي ڪيا پيا وڃن جيڪا اسان سان وڏي نا انصافي آهي، سنڌ وفاق کي 75 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ڏي ٿو پر سنڌ جا شهر گئس جي سھولت کان محروم آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو بک بدحالي جو شڪار آهن. جيستائين سنڌي ماڻهو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري منظم نه ٿيندا ايسيتائين اسان سان ناانصافيون جاري رهنديون،ٻئي پاسي ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني ۽ ضلعي انتظاميه جي چرچ تي ٻه ڏينھن اڳ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني ٻاھران شاگردن جي پر امن احتجاج دوران شاگردن ۽ صحافين تي پوليس پاران ڪيل بي رحماڻي تشدد غنڊا گردي ۽ پوليس جي ڏاڍ صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف گھوٽڪي ضلعي جي صحافين سياسي سماجي اڳواڻن پاران ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڊي ايس پي قادر سومرو خلاف ايس ايس پي گھوٽڪي ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني انتظاميه ۽ ضلعي انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف لغاري تاج ٽانوري برڪت ميراڻي آدم پتافي اعظم سھرياڻي قاضي اگن شر لالا قادر ڀٽو ۽ ٻين چيوته  ڊي ايس پي قادر سومرو ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مھر ايس ايف او ڏھرڪي مصور قريشي ضلعي انتظاميه ۽ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي خرچ تي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪندي پنھجي حقن لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙ شاگردن سان گڏ و گڏ ڪوريج ڪندڙ صحافين کي به رحماڻو تشدد جو نشانو بڻايو جيڪو عمل ناقابل برداشت آهي ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي شاگردن صحافين مٿان تشدد ڪندڙ ڊي ايس پي اوٻاوڙو قادر سومرو ايس ايڇ او ڏھرڪي مصور قريشي ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مھر سميت صحافين تي بي رحماڻو تشدد ڪندڙ ٻين پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ضلع بدر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي ويندا ٻئي پاسي ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران صحافين آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ ربنواز ڪلھوڙو، پوليس جمعدار وحيد وسير، پوليس اھلڪار آصف ڪلھوڙو، غلام حسين سميجو کي پھرين مرحلي ۾ معطل ڪري لائين ڪلوز ڪري ڇڏيو جڏھن ته صحافين کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران صحافين تي بي رحماڻو تشدد ڪندڙ ڊي ايس پي قادر سومرو ايس ايڇ او ذوالفقار مھر ايس ايڇ او ڏھرڪي مصور قريشي کي ضلع بدر ڪرڻ سان گڏ و گڏ صحافين مٿان داخل ڪيس ختم ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.