اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف جي پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي .
پرڏيهي وزارت جي عملدارن موجب، محمد بن سلمان 31 ڊسمبر کان اڳ پاڪستان جو دورو ڪندو
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ڪيو هو جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي معاهدو طئي پيو.
معاهدي تحت ڪنهن به هڪ ملڪ خلاف جارحيت کي ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.