اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا طرفان ايل پي جي جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 6 رپيا 71 پئسا گهٽتائي بعد 207 رپيا 48 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
گھريلو سلينڊر جي اگهه ۾ به 79 رپيا 14 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آڪٽوبر لاءِ 11.8 ڪلو جي گھريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2448 رپيا 33 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
ايل پي جي جا نوان اگهه پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندا.