ڏکڻ آفريڪا خلاف اسڪواڊ ”پرچي“ قرار، ڪرڪيٽرن ۽ شوقينن جو زاهد محمود کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف اعلانيل ٽيسٽ اسڪواڊ تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ شوقينن سوال اُٿاري ڇڏيا.
واضح رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ تحت ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز لاءِ اڄ پاڪستان جي 18 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو هو.
پاڪستان جي قيادت شان مسعود سونپي وئي آهي، جڏهن ته ٽي نواَن رانديگر آصف آفريدي، فيصل اڪرم ۽ روهيل نذير به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ آل رائونڊر عامر جمال، عبدالله شفيق، ابرار احمد، بابراعظم، حسن علي، امام الحق، ڪامران غلام، خرم شهزاد، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل ۽ شاهين آفريدي به ٽيم جو حصو آهن.
هڪ پاسي اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ شوقينن جتي بابر ۽ رضوان کي قومي اسڪواڊ ۾ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، اتي آصف آفريدي جي نالي کين چيڙائي ڇڏيو.
اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد ايڪس تي لکيو ته ”هي آصف آفريدي ڪير آهي؟ جيڪڏهن اهو ليفٽ آرم اسپنر آصف آفريدي آهي، جنهن جي ڪارڪردگي 60 کان مٿي فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 83 وڪيٽن تائين محدود آهي ۽ سندس عمر 38 سال آهي ته پوءِ هو ٽيسٽ ٽيم ۾ چونڊجڻ جو حقدار نه آهي.“
اڳوڻي بيٽر صهيب مقصود به چيو آهي ته ”پي سي بي طرفان 35 ورهين کان وڏي عمر وارن رانديگرن تي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي پابندي لڳائڻ بعد هاڻي 39 سالن جي رانديگر (آصف آفريدي) کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي..! ڇا ته عظيم ڪرڪيٽ نظام آهي، ڪو به ويزن ناهي، بس ڌڪي اسٽارٽ آهي.“
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن به آصف آفريديءَ شموليت تي اعتراض واريو آهي.
شهزاد فاروق نالي واهپيدار لکيو ته ”ڪجهه سال اڳ 35 سالن کان وڏي عمر وارن لاءِ علائقائي ڪرڪيٽ کيڏڻ ڏکيو ٿي ويو هو، پر هاڻي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ آصف آفريدي کي شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو هلندڙ ڊسمبر ۾ 39 سالن جو ٿي ويندو.“
هڪ ٻئي صارف لکيو ته ”آصف آفريدي تازو حنيف محمد ٽرافي جي پنج ميچن ۾ 33 وڪيٽون ورتيون هيون ۽ مزي جي ڳالهه هو پاڪستان سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جو حصو هو.“
هواڏنهن ڪرڪيٽر امتياز لغاري به اعتراض واريندي چيو ته ”ان کان سئو ڀيرا بهتر بالر زاهد محمود کي چونڊيو وڃي ها، هي پرچي سسٽم ختم ٿيڻ گهرجي. “
ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾، جڏهن ٻي ٽيسٽ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ڪرڪٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.