ميرپور بٺورو/ بلڙي شاهه ڪريم (نمائندن وٽان) ميرپوربٺورو ڀرسان مزوري سانگي آيل پورهيتن سان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، مبينا طور کاڌو کائڻ سبب 2 پورهيت فوت ٿي ويا ۽ هڪ ئي ڪٽنب جا 30 کان مٿي ڀاتي بيهوش ٿي ويا مليل ڄاڻ موجب ميرپوربٺورو جي ڳوٺ مٺوزئور ڀرسان هڪ زميندار وٽ مزدوري سانگي آيل 30 کان مٿي پورهيت مبينا کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿي ويا جن مان ٻن نوجوانن 16 ورهين مجيب الرحمان لنڊ ۽ 18 ورهين جو غلام لنڊ جي فوتگي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته اٺ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 30 ڄڻن کي ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو جن ۾ يوسف، مجيب رزاق، حنيف، حبيب الله ۽ ٻين جو سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته متاثر پورهيت خاندان جو تعلق ٽنڊو محمد خان ضلعي جي آبادگار مل لڳ ڳوٺ سعيد خان لنڊ سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي ميرپوربٺورو ڀرسان سارين جو لابارو ڪرڻ لاءِ آيل هئا، تعلقي اسپتال ميرپور بٺورو جي ڊاڪٽر يوسف کٽي ٻڌايو ته متاثر ڪٽنب سان پيش آيل واقعو زهريلو کاڌو کائڻ سبب پيش آيو جن مان 4 ڄڻا گذريل ڏينهن تعلقا اسپتال ميرپوربٺورو علاج لاءِ آيل هئا جن کي فوري طور طبي امداد ڏيڻ بعد کين گهر روانو ڪيو ويو هو ، واقعي جي خبر سوشل ميڊيا تي ڏسڻ کان پوءِ اسان ڊاڪٽرن جي ٽيم دوائن سميت واقعي واري هنڌ پهتاسين جتي ڪير به موجود نه هو، متاثر خاندان ڳوٺ سعيد خان لنڊ جو هو جيڪي رات وچ ۾ هتان هليا ويا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته پورهيت خاندان ميرپوربٺورو جي ڳوٺ مٺو زئور ڀرسان هڪ زميندار وٽ پنهنجي 50 جي لڳ ڀڳ ڀاتين سميت سارين جي لاباري لاءِ آيل هو.