سنڌ يونيورسٽي ۾ به سرڪاري ملازمن جي حق ۾ احتجاج

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل جو  ٽوڪن بائيڪاٽ ۽ استادن جا احتجاجي مظاهرا، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فاپواسا سنڌ چيپٽر ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي حمايت ۾ سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين جيان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ به استادن عرفانا ملاح، شاھ مراد چانڊيو، محمد يونس لغاري، امر سنڌو، سعيد احمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تدريسي عمل جو جزوي بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڀني ملازمن کي ڊسپرٽي الانس فراهم ڪيو وڃي، گروپ انشورنس جي رقم رٽائرمينٽ وقت جاري ڪئي وڃي، فوت ٿيل ملازمن لاءِ ڀرتي ڪوٽا بحال ڪيو وڃي ۽ 25 سيڪڙو ٽيڪس ريبيٽ بحال ڪيو وڃي، اهي مسئلا ٻين سرڪاري ملازمن سان گڏ يونيورسٽين جي استادن کي به سخت متاثر ڪري رهيا آهن، خاص طور تي ٽيڪس ريبيٽ ۽ پينشن جا معاملا يونيورسٽي پروفيسرن لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.