”پاڪستان جي معدني وسيلن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ۽ عرب رسالي جي لکارِي جاويد حسن پاڪستان ۾ معدني وسيلن بابت کربن ڊالر جي ڪاٿن  کي حقيقت کان پري قرار ڏنو آهي۔ هن جو چوڻ آهي ته اسان کي هن قسم جي دعوائن تي جذباتي ٿيڻ بجاءِ اصل انگ اکر ۽ عالمي منڊي جي حقيقت کي نظر ۾ رکي ڳالهائڻ گهرجي۔هن چيو ته سڀ کان پهرين ضروري آهي ته اسان اهو ڏسون ته دنيا ڀر ۾ انهن ناياب ارضي عنصرن ۽ ناياب ارضي ڌاتن  جي اصل مارڪيٽ ڪيتري وڏي آهي ۽ چين ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو۔ جاويد حسن موجب سال 2024 ۾ چين لڳ ڀڳ 17 هزار 700 ميٽرڪ ٽن ناياب ارضي عنصر برآمد ڪيا چين جي برآمد جي قيمت 4 ارب ڊالر کان وڌيڪ نه ٿي بيهي۔ جاويد حسن پاڪستان جي سڀ کان وڏي مشهور کان ريڪوڊڪ جي مثال ڏيندي چيو ته ان جا سون ۽ ٽامي جا ذخيرا موجوده قيمتن مطابق لڳ ڀڳ 60 ارب ڊالر جا آهن۔ اها خطير رقم ضرور آهي پر کربن ڊالر جي دعوائن کان تمام گهٽ آهي۔هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معدني وسيلن جي قيمت جي حوالي سان پيش ڪيا ويندڙ کربن ڊالر جا ڪاٿا يا ته حد کان وڌيڪ خوش فهميءَ جي عڪاسي ڪن ٿا يا پوءِ اهي اهڙا مبالغ آرائي تي ٻڌل اندازا آهن جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي ناهي۔ هن واضح ڪيو ته حقيقي ترقي لاءِ پاڪستان کي زميني حقيقتن تي ٻڌل پاليسي سازي ڪرڻي پوندي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.