” تاريخ ۾ پاڪستان هٿان ڀارت کي رڳو خواري ۽ ناڪامي ملي آهي“نقوي جو مودي کي جواب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ)پي سي بي ) جي چيئرمين ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو.
اي سي سي صدر محسن نقوي سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ ڀارتي قيادت طرفان جنگ کي راند سان جوڙڻ کي مايوسي جي علامت قرار ڏنو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محسن نقوي لکيو ته” اهڙو عمل راند جي اصل روح کي مجروح ڪري ٿو.“
هن چيو ته جيڪڏهن جنگ توهان جي فخر جو پيمانو آهي ته تاريخ ۾ ڀارت کي پاڪستان جي هٿان رڳو خواري ۽ ناڪامي ملي آهي ۽ ڪنهن به ڪرڪيٽ ميچ جي نتيجي سان اها حقيقت تبديل نٿي ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.