چين ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڀاتين کي موت جي سزا، سبب به سامهون اچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ عدالت ميانمار ۾ ”اسڪيم سينٽر“ هلائڻ جي ڏوهه ۾ هڪ مافيا ڪٽنب جي 11 ڀاتين موت جي سزا ٻڌائي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، چيني اختيارين جو چوڻ آهي ته ان ڪٽنب سان واسطو رکندڙ ڪيترائي ماڻهو ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيا آهن ۽ ڪيترن کي طويل قيد جون سزائون پڻ ٻڌايون ويون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، اِهو چيني مافيا خاندان انهن 4 قبيلا مان هڪ لاءِ ڪم ڪندو هو جيڪي ميانمار-چين سرحد ويجهو موجود ميانمار جي ننڍڙي شهر لوڪائي تي ڪنٽرول ڪندا هئا، جيڪو جوا، منشيات ۽ ڪيترن ئي ڏوهن جو مرڪز بڻيل هو.
سال 2023ع ۾ ميانمار انهن خاندانن خلاف ڪاروائي ڪندي ڪيترن کي گرفتار ڪري چيني اختيارين حوالي ڪيو هو،
چين جي سرڪاري خابرو اداري ”سي سي ٽي وي“ موجب، اترئين شهر وينزو جي هڪ عدالت سومر ڏينهن مافيا خاندان جي ڪل 39 فردن کي سزا ٻڌائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.