”محسن نقوي کان ٽرافي نه وٺڻ واري ڊراميبازي نه ڪريو“، شيو سينا جي مودي سرڪار تي ڇتي تنقيد
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هندو انتهاپسند تنظيم شيوا سينا جي اڳواڻ سنجي رَت مودي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته محسن نقوي کان ٽرافي نه وٺڻ سڀ ڍونگ آهي.
سنجي رَت چيو ته 10 ڏينهن اڳ ڀارتي ٽيم محسن نقوي سان هٿ ملايو، هاڻ چون ٿا ته ٽرافي کي هٿ نه لائينداسين، کائنس ٽرافي نه وٺنداسين، مخالف ڪپتان سان هٿ نه ملائينداسين.
هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته توهان گڏجي ميدان ۾ کيڏو ڇو ٿا؟ جيڪڏهن کيڏو ٿا ته پوءِ هي ڊراميبازي نه ڪريو.