نوجوانن لاءِ خوشخبري، حڪومت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ نئون قدم کنيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ پاليسي بابت اڄ باظابطا اعلان ڪيو ويندو.
وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي جو چيئرمين راڻا مشاهد احمد نيشنل ايمپلائمنٽ پاليسي جي متن ۽ تفصيل بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.