اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ڀارتي باڪسر کي شڪست ڏئي يوٿ ورلڊ بينٽم ويٽ ٽائيٽل کٽڻ تي نوجوان باڪسر سمير خان کي مبارڪباد ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان پهريون ڀيرو يوٿ ورلڊ بينٽم ويٽ ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي، سمير خان جي ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو لمحو آهي.
صدر چيو ته سمير خان پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو، نوجوان باڪسر جي محنت، عزم ۽ جذبو ساراهڻ جوڳو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٿائيلينڊ ۾ ٿيل يوٿ ورلڊ بينٽم ويٽ ٽائيٽل جي مقابلي ۾ سمير خان ڀارتي حريف بنٽي سنگهه کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
ڀارتي باڪسر کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ سمير خان چيو ته اڄوڪي ڪاميابي پوري پاڪستاني قوم، پاڪ فوج ۽ سڀني شهيدن جي نالي ڪيان ٿو.
پاڪستاني باڪسر ڀارتي حريف کي مات ڏئي يوٿ ورلڊ بينٽم ويٽ ٽائٽل کٽي ورتو، صدر جون مبارڪون
You might also like