شمع جوڻيجو جي معاملي تي تڪرار ن ليگ جي اندروني ڇڪتاڻ جو نتيجو؟

لاهور (امداد سومرو) شمع جوڻيجو بابت تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ شمع جوڻيجو جي شموليت ۽ ان تي الزام ن ليگي حڪومت جي وزيرن لاءِ نئون تڪرار بڻجي ويا آهن. هي تڪرار اصل ۾ مسلم ليگ نون جي اندروني ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي، جتي خواجا آصف ۽ اسحاق ڊار هڪ ٻئي خلاف ٽڪراءَ ۾ آهن ۽ ان جو نشانو شمع جوڻيجو بڻجي رهي آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف پرڏيهي وزارت يعنيٰ اسحاق ڊار تي آڱر کنئي هئي، پرڏيهي وزارت چئي ڇڏيو ته اسان جو ان سان واسطو ناهي پر شمع جوڻيجو ڳالهائي رهي آهي. شمع جوڻيجو تي سوشل ميڊيا واهپيدار ۽ خاص طور تي پي ٽي آءِ وارا الزام هڻي رهيا هئا ته هن ته ڪنهن وقت ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه چئي هئي. خواجا آصف چيو ته منهنجي ان عورت سان واقفيت ناهي، پرڏيهي وزارت ئي ٻڌائي سگهي ٿي. پر شمع جوڻيجو خواجا آصف سان تصوير جاري ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزارت چيو ته ان عورت کي ڄاڻايل ڪرسي تي ويهڻ جي اجازت نه هئي، لسٽ ۾ سندس نالو نه هو، کيس پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي منظوري نه هئي. اها سڀ غلط بياني آهي. خواجا آصف کي سڀ خبر هئي پر هن اسحاق ڊار تي وجهي ڇڏيو، اسحاق ڊار به پنهنجي جان آجي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي شمع جوڻيجو سڀ شيون سامهون رکي ٻڌائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم لاءِ ڪم ته ڪير گهر ويٺي نٿو ڪري سگهي، ان کي ٽاسڪ ڏنو ويو هوندو. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پرڏيهي وزارت کي خبر ئي نه هجي ته وزيراعظم لاءِ تقرير ڪير لکي رهيو آهي.  اطلاعن موجب اسحاق ڊار ۽ شمع جوڻيجو جو پاڻ ۾ سٺا رابطا رهندا آهن. شمع جوڻيجو لنڊن ۾ رهندي آهي ۽ اسحاق ڊار اتي جلا وطني ڪٽي چڪو آهي. وزيراعظم اسائين ڪيو ۽ وزارتون جان ڇڏائي رهيون آهن، اصل ۾ دٻاءُ اچي ويو ۽ اهي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيون. جيڪڏهن خواجا آصف ۽ پرڏيهي وزارت ٻئي ٺيڪ چئي رهيا آهن تڏهن به پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته پرڏيهي وزارت جي ڊيوٽي اها ئي آهي ته ڪير اتي ڇا لاءِ وڃڻو آهي يا ناهي وڃڻو. هيڏي ساري وفد ۾ سندس مرضي کانسواءِ ڪا شخصيت ڪيئن وڃي اهم سيٽ تي ويهي سگهي ٿي. يا وري اسحاق ڊار اهو چوي ته پرڏيهي وزارت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، شمع جوڻيجو سندن لسٽ ۾ هئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 29 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.