پاڪستان ٽيم ايشيا ڪپ فائنل جي سموري فيس 7مئي تي ڀارتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي نالي ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستا ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي فائنل جي سڄي فيس هلندڙ سال ڀارتي حملي شهيد ٿيندڙن نالي ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن سان شڪست ڏني.
پر ٽورنامينٽ کٽڻ باوجود ڀارتي ٽيم جي هوڏ برقرار رهي ۽ انهن ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته محسن نقوي به ڄمي بيهي رهيو جنهن بعد ڀارتي ٽيم کي ٽرافي کانسواءِ مايوس ٿي خالي هٿين ميدان مان موٽڻو پيو.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ دوران ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي سياسي بيان ڏيڻ تي آءِ سي سي طرفان ڏنڊ پڻ مڙهيو ويو، پر هن فائنل کٽڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته هو ايشيا ڪپ ۾ کيڏيل پنهنجن هڙني ميچن جي فيس ڀارتي فوج کي ڏيندو.
هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل جي سموري فيس ست مئي واري ڀارتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارن ۽ عام شهرين جي نالي ڪري ٿي، اسان جون دعائون متاثر خاندانن سان گڏ آهن.
ياد رهي ته ڀارت طرفان هن سال 7 مئي تي پاڪستان تي ميزائل حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهيد ۽ زخمي ٿيا هئا، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي نه رڳو دشمن جا 7 جهاز ڪِيرايا پر ڪيترائي ايئربيس به تباهه ڪيا.
پاڪستان جي ڀرپور جواب کانپوءِ ڀارت آمريڪا کان جنگبندي جي درخواست ڪئي، جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ سيز فائر ممڪن ٿيو.
آمريڪي صدر 30 کان وڌيڪ ڀيرا سري عام اهو چئي چڪو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ دوران ڪيترائي جهاز تباهه ٿيا ۽ مون ٻن ائٽمي طاقتن وچ ۾ جنگبندي ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.