جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو معطل

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت ڌرين ۽ اٽارني جنرل آفيس کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل ٻه رڪني ڊويزن بئنچ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي جج طور ڪم کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.
ڊويزن بئنچ ميان دائود جي درخواست تي حڪم نامو جاري ڪندي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي فيصلي تائين جج طور ڪم کان روڪي ڇڏيو هو، جنهن خلاف جسٽس طارق جهانگيري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
ان کانسواءِ ڪراچي يونيورسٽي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي قانون واري ڊگري رد ڪندي مٿس 3 سال جي پابندي لاڳو ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.