ايف بي آر انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ بابت اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريوينو (ايف بي آر) انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر ڪيو آهي ته سال 2025ع لاءِ انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر 2025ع آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ نه ڪئي ويندي.
ايف بي آر جي جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته سال 2025ع لاءِ انڪم ٽيڪس ريٽرن جي تاريخ ۾ واڌ جون خبرون بي بنياد ۽ ورغلائيندڙ آهن.
ايف بي آر ٻوڏ سبب گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ وارا افواهه به رد ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته اڪثر ٽيڪس ڏيندڙ ٻوڏ متاثر ناهن، وٽن ڪافي وقت موجود هو، جڏهن ته آءِ آر آءِ ايس سسٽم جي سستي واريون دعوائون به غلط آهن، هي پليٽفارم مڪمل طور تي فعال آهي.
ايف بي آر چتاءُ ڏيندي چيو ته آهي ته مقرر تاريخ تائين ريٽرن جمع نه ڪرائڻ جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.