ڪڙيو گهنور/بدين(نمائندا) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڀاشا ڊيم، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڪڙيو گهنور ۾ احتجاجي ريلي ڪڍيوئي، ريلي جي اڳواڻي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، استاد محمد راهمون، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، قادر بخش زئور، علي رضا خاصخيلي، وقار ميراڻي ۽ ٻين ڪئي. تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڪڙيو گهنور ۾ ديامير ڀاشا ڊيم، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن، ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف نواز خان زئور جي اگواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي شهر جي باءِ پاس کان شروع ٿي، مختلف رستن کان گذرندي، مرڪزي چونڪ تي پهتي، جتي ڪارڪنن نعريبازي ڪندي ڌرتي جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف شديد احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو تہ وفاق هڪ طرفا فيصلا ڪري رهيو آهي، جن جو فائدو فقط پنجاب کي آهي. سنڌ جي زمينن تي والار، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ درياھ جي قبضي خلاف جدوجهد جاري رهندي. ڊيم، ڪئنال، لنڪ ڪئنال ۽ پاڻيءَ جي ذخيري جون ٻيون رٿائون درياھ جي تباهي جون رٿائون آهن، جن سان ماحوليات، ايڪو سسٽم، آبي جاندار، جهنگلي جيوت ۽ انسان تباھ ٿي رهيا آهن. ڊيلٽائي علائقن ۾ غربت ۽ سڃ واڪا پئي ڪري. سنڌو درياھ ۽ سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سنڌين جي مالڪي جو حق تسليم ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، استاد محمد راهمون، آصف نظاماڻي، گيانچند، قادر بخش زئور، علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.