آمريڪا جي ڪراچي بندرگاهه ۽ پورٽ قاسم ۾ سيڙپڪاري، چين کي ڳڻتي

لنڊن/اسلام آباد(علي مصطفيٰ)ناليواري ليکڪه  ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته  اسان کي ٽرمپ کان پئسا، هٿيار، سيڙپڪاري ۽ چوٿون ڀارت کي پٺتي ڌڪي ڇڏيون،ان ڪري آمريڪا سان ويجهڙائپ چاهيون ٿا، سوال اهو ٿو اٿي ته ڊونلڊ ٽرمپ کي اسان کان ڇا کپي؟غزا ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار هوندو، غزا واري معاملي تي نيتن ياهو پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي،ان صورتحال ۾ امن فوجون ڪٿان مقرر ٿي سگهنديون؟نئين فورس جي ڳالهه ڪير مڃيندو؟ ٽيون ٽرمپ کي افغانستان ۾ بگرام ايئر بيس کپي،ٽي ٽي پي پاڪستان کان ناراض آهي، ٽرمپ پاڪستان ذريعي ايئربيس چاهي ٿو، آمريڪا ۾ به پاڪستان وانگر ڪرپشن بي ايمانيون ٿينديون آهن، پاڪستان کي اهو اصول سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته گڊ بڪس ۾ ڪيئن اچجي،هن چيو ته غزا ۾ جيڪي امن جي ڳالهه پئي هلي اها فلسطينين لاءِ نه پر اسرائيل لاءِ امن جي ڳالهه آهي،هن چيوته آمريڪا جي وڏي سيڙپڪاري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم ۾ ٿي رهي آهي جنهن تي بيجنگ ۾ سواليه نشان اٿي رهيا آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 29 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.