روزگار گهرڻ ڏوهه ،ماڙي انرجي ڪمپني خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس تشدد، ڪيترائي گرفتار

ڏ هرڪي /دادلغاري( رپورٽ: اجيت ڪمار+رانجهن لغاري) ڏهرڪي ماڙي انرجي ڪمپني جي گيٽ اڳيان اٽڪل 10 ڏينهن کان پنهنجي حقن احتجاج تي ويٺل نوجوان شاگردن تي گهوٽڪي پوليس جي وڏي نفري شاگردن تي دشمن جي فوج جيان ڪڙڪي پئي. ماڙي انرجيز ۽ بي روزگار نوجوانن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ گهوٽڪي پوليس ماڙي انرجيز جي ونگارو بڻجي وئي، ڳوڙهاآڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪري نوجوانن مٿان ڏنڊن ۽ لٺين جو وسڪارو ڪري 30 کان وڌيڪ نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ گم آهن،، واقعي بعد نوجوانن سان همدردي لاءِ پهتل پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمد اسلم قادري کي به  گرفتار ڪيو ويو، مقامي ماڻهن پوليس واقعي خلاف سخت احتجاج ڪندي ماڙي انرجيز ڏانهن  ڏيندي روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا. پوليس رياستي ڏاڍ سان ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.  ڏهرڪي جي ماڙي انرجيز ڪمپني ۾ آپرينٽس شپ ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد ڄاڻايل ڪمپني ۾ روزگار لاءِ احتجاج ڪندڙ مقامي نوجوانن ضلعي انتظاميه معرفت ٽن کان ڇهن مهينن ۾ ڪنٽريڪٽ نوڪري ڏيڻ واري آڇ  ٿڏي ڇڏي آهي. جڏهن ته بي روزگار نوجوانن ماڙي انرجيز ۾ مستقل روزگار جا ليٽر جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. نوجوانن جي اهڙي فيصلي بعد ضلعي انتظاميه ۽ ضلعي پوليس جي حڪم تي ڏهرڪي، کينجهو، ريتي ۽ ڏهرڪي پوليس جي اٽالن پوليس موبائلن ۽ بڪتربند گاڏي تي سوار ٿي ماڙي انرجيز جي کوھ نمبر 6 تي احتجاج ڪندي رستا بند ڪندڙ بي روزگار نوجوانن  خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڏنو. جنهن دوران پوليس احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل استعمال ڪري ڇڏيا ۽ ڏنڊن ۽ لٺين جي مدد سان کين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ بعد داد ٿاڻي جي پوليس سندن ملاقات تي پڻ پابندي هنئي آهي. گرفتار ڪيل نوجوانن ۾ شعيب احمد، مرتضيٰ، حماد، عاصم علي، عزيز، نائب علي، ڪاشف علي، مصطفيٰ، شاهد علي، ڪريم بخش شعيب لغاري، امان پنھور، عذير لغاري ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته شاگردن جي حمايت ۾ ويٺل ٻين شاگردن شعيب سنڌو، امجد شر سميت 20 ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو، جڏھن صحافين ظھير سومرو، فھيم شيخ، اسد شر، اياز کھاوڙ کي به گرفتار ڪيو ويو صحافي برڪت ميراڻي ۽ نويد چغتائي کي پڻ تشدد بڻايو ويو، ٻي طرف پوليس پي ٽي آئي سنڌ جي نائب صدر ميان اسلم کي به گرفتار ڪيو آھي، ٻئي طرف شاگرد چنگيز مھر کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو پر حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب رحيم يارخان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن شاگردن طرفان ھڪ ڀيرو ماڙي انرجي خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيو آھي. نوجوانن مٿان پوليس تشدد جو ٻڌي علائقي واسي درجنن جي تعداد ۾ مقامي ماڻهو، ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح سميجو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمد اسلم قادري ۽ ٻين سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ واقعي واري هنڌ پهتا جن پوليس جي وحشياڻي عمل جو مذمت ڪندي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ ماڙي انرجيز ڏانهن ويندڙ روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي مظاهرين پاران پوليس ۽ ماڙي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڄام فتاح سميجو ۽ ميان محمد اسلم قادري ۽ احتجاج ڪندڙ نوجوانن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان پنهنجي ئي ڌرتي جي ذخيرن واري علائقن ۾ رهندڙ روزگار لاءِ جديد فني تعليم حاصل ڪرڻ بعد به بي روزگار آهن. ان کان وڌيڪ مقامي ماڻهن سان ٻيو ظلم ٿي نه ٿو سگهي. هنن چيو ته پر امن نوجوانن ضلعي انتظاميه سان  ڳالهيون ڪيون پر هنن کي مستقل نوڪري ڏيڻ بجاءِ کين ٽن مهينن ۽ ڇهن مهينن ۾ ڪنٽريڪٽ تي نوڪريون ڏيڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏنا ويا ۽ کين سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. هنن چيو ته ماڙي انرجيز ڌارين جا ڪٽڪ پنهنجي هيڊ آفيس ۾ ڀرتي ڪري پئي ۽ هڪ ٻن مهينن بعد اهڙن ملازمن کي ڏهرڪي فيلڊ ڏانهن بدلي ڪري هتان جي نوجوانن جا حق هڙپ ڪيو پيا وڃن. جڏهن مقامي ماڻهو پڇاڻو ڪن ٿا ته چيو وڃي ته ڏهرڪي فيلڊ ڏانهن بدلي ڪيل ملازم ڪيترائي سال اڳ هيڊ آفيس ۾ ڪم ڪري رهيا هئا جن کي گهرج مطابق بدلي ڪيو ويو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته قانون موجب ماڙي انتظاميه کي مستقل نوڪرين جي مد ۾ 80 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏيڻي آهي پر هن وقت 5 کان 10 سيڪڙو به مقامي ماڻهو مستقل نوڪرين تي ڪم ڪن پيا. هنن چيو ته نوجوانن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ ڏنڊن ساڻ  پوليس تشدد قابل مذمت آهي. ماڙي انرجيز هٿ سان وٺي حالتون خراب ڪري رهي آهي. هنن گهر ڪئي ته گرفتار ڪيل مڙني نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ جديد فني تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي ماڙي انرجيز ڏهرڪي ۾ مستقل نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو ۽ ماڙي انرجيز جي آفيسرن جي رستا روڪ پڻ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.