اسلام آباد(شيراز پراچا)مغربي جمهوريت سڄي دنيا ۾ ناڪامي ۽ بحران جو شڪار ٿي چڪي آهي،مغربي سرمائيداراڻو نظام، جيڪو لبرل ڊيموڪريسيءَ جي پردي ۾ لڪل هو، هاڻي پنهنجي ظالماڻي چهري سان بي نقاب ٿي چڪو آهي۔ آمريڪا سميت جمهوريت جا دعويدار اولهه جا ملڪ هاڻي آهستي آهستي آمريت ۾ بدلجي رهيا آهن، جتي اصل حڪمراني ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪس، ان جي ڪنٽرول هيٺ خفيه ايجنسين، ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز، بينڪرن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجز جي آهي۔مغربي دنيا جي پارليامينٽن، حڪومتن، مالي نظام ۽ ميڊيا تي صهيوني (Zionist) اثرورسوخ آهي۔ هن نظام ۾ آمريڪي صدر، جيڪو پاڻ کي دنيا جو طاقتور ترين شخص سمجهي ٿو، حقيقت ۾ هڪ ڪٺ پُتلي کان وڌيڪ حيثيت نٿو رکي۔ان کان سواءِ آمريڪا تيزي سان عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي، ۽ دنيا ۾ طاقت جا نوان مرڪز اڀري رهيا آهن، جنهن سبب آمريڪا طاقتور ترين ملڪ جو درجو وڃائي چڪو آهي،آمريڪي قيادت اها حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ماضيءَ جي زوال پذير سلطنتن جيان پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ ڌمڪين ۽ طاقت جي بي دريغ استعمال ۾ لڳل آهي،هاڻوڪو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سڀ کان ڪمزور صدر ثابت ٿي رهيو آهي۔ جيتوڻيڪ هو هر وقت وڏائي ۽ ڌمڪيون ڏيئي ٿو، پر حقيقت ۾ هو بي بس ۽ ڪمزور آهي۔ ڪيترن بااثر آمريڪي تجزيه نگارن موجب ٽرمپ شايد بليڪ ميل ٿي رهيو آهي، کيس ڌمڪايو پيو وڃي، ۽ ممڪن آهي ته هو خوفزده آهي ـ جنهن جي پٺيان اسرائيلي لابي آهي، جيڪا گذريل 80 سالن ۾ آمريڪي رياست ۽ سياست تي ڪنٽرول حاصل ڪري چڪي آهي۔ٽرمپ جي ٽيم ۾ اڪثر صلاحڪار سخت صيهوني يا انهن جا حمايتي آهن، ڪيترن وٽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل شهريت آهي، ان کان علاوه آمريڪا جا ڪيترائي يورپي ملڪن ۾ سفير به ساڳي لابي سان تعلق رکن ٿا۔آمريڪا جو سياسي نظام انتهائي امير سرمائيدارن جي ڪنٽرول ۾ آهي، جن کي ڊونر ڪلاس چيو ويندو آهي۔ انهن جي اڪثريت صيهوني ۽ اسرائيل حامي آهي۔ انهن جي مدد کان سواءِ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن پارٽين جا اميدوار نه ته ڪانگريس ۾ پهچي سگهن ٿا ۽ نه ئي صدارتي اميدوار بڻجي سگهن ٿا۔مختصر اهو آهي ته آمريڪا تي حقيقي ڪنٽرول اسرائيل جو آهي، ۽ هاڻي ٻئي ملڪ هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ بڻجي چڪا آهن،اسرائيلي وزيراعظم کلي عام چوي ٿو ته صدر ٽرمپ سندس چوڻ تي هلي ٿو۔ ڪيترائي معتبر دفاعي تجزيه نگار چون ٿا ته نيتن ياهو ايران تي حملي لاءِ پرعزم آهي، ۽ ايندڙ مهينن ۾ اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو، جنهن لاءِ کيس آمريڪي مدد جي ضرورت پوندي۔آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل پاليسين سبب وچ اوڀر ۾ جنگ، قبضن ۽ گريٽر اسرائيل جي منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فلسطيني عوام جي قتلِ عام کي به جائز بڻايو ويو آهي۔آمريڪا اندر به هاڻي اسرائيلي اثر رسوخ خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن.