آمريڪا پاران ڪشمير بابت پاڪ، ڀارت ۾ ٽياڪڙي جي آڇ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪا ڪشمير جي مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي وئي ته هو ان لاءِ تيار آهي.ترجمان مطابق، آمريڪا سمجهي ٿو ته ڪشمير جو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو ۽ اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڌو سنئون تڪرار آهي. هن وڌيڪ چيو ته، آمريڪا پاڪ-ڀارت جنگبندي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته دهشتگردن جي حوالي ڪرڻ بابت پاڪستان جي قدم جي به واکاڻ ڪئي. صدر ٽرمپ چيو: غزه جي معاملي تي سڀني کي معاهدي جي خواهش آهي، موت ۽ اوندهه جو هي دور ختم ٿيڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت سان پنهنجا قومي مفاد اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن اهو به چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي نظر آهي، ۽ آمريڪا پاڪستان ۾ ڪروڙين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.