ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ مڪاني واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پاڪستاني ڪرڪيٽر حارث رئوف تي آءِ سي سي طرفان مڙهيل ڏنڊ ڀرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ ناصر حسين شاهه لکيو ته ” حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان بهادر انسان آهن، حارث تي ڏنڊ جيڪڏهن 300 سيڪڙو به هجي تڏهن اسان ۽ سڄي قوم ساڻس گڏ بيٺا آهيون.“
هن چيو ته ” حارث رئوف جي ڏنڊ جي رقم مان پنهنجي کيسي مان ڏيندس.“
ياد رهي ته 21 سيپٽمبر تي ڀارت خلاف ميچ ۾ صاحبزاده فرحان ففٽي اسڪور ڪرڻ کان پوءِ خوشي ۾ بيٽ کي بندوق ٺاهي فائر ڪرڻ جو اشارو ڪيو هو.
ٻئي پاسي، فاسٽ بالر حارث رئوف وڪٽ وٺڻ ۽ بائونڊري لائين تي فيلڊنگ دوران ڀارتي تماشائين جي هوٽنگ جو جواب ڏيندي جهاز تباهه ٿيڻ جو اشارو ڪيو، جنهن کي آءِ سي سي ظاباطن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي مٿس ڏنڊ مڙهيو هو.
You might also like