لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هڪ ٻئي ڀارتي رانديگر ارشديپ سنگهه خلاف شڪايت داخل ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، پي سي بي ڀارتي فاسٽ بالر ارشديپ سنگهه خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ سي سي ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان آءِ سي سي ۾ داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته ارشديپ سنگهه 21 سيپٽمبر تي ميچ جي پڄاڻي تي انتهائي اڻ وڻندڙ اشارا ڪيا، جيڪي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي آهن.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ارشديپ سنگهه تماشائين کي غيراخلاقي اشارا ڪري راند جي روح کي ڇيهو رسايو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان ارشديپ خلاف ظابطن جي ڀڃڪڙي تي ايڪشن جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو خلاف آءِ سي سي ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ سوريا ڪمار سياسي بيان ڏئي راند جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
You might also like