لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي طرفان حارث رئوف ۽ صاحبزاده فرحان خلاف ڪيس جو فيصلو اڃا تائين جاري نه ڪرڻ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان جي فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ بيٽر صاحبزاده فرحان خلاف آءِ سي سي جي ٻڌڻي کي ٻه ڏينهن گذري ويا آهن، پر آءِ سي سي اڃا تائين تفصيلي فيصلو جاري ناهي ڪيو.
گذريل ڏينهن ڪرڪيٽ ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي هئي ته ميچ ريفري حارث رئوف کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏيندي مٿس ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو، جڏهن ته صاحبزاده فرحان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ کيس رڳو وارننگ ڏئي ڇڏيو ويو.
ٻئي پاسي آءِ سي سي طرفان اڃا تائين فيصلو نه ٻڌائڻ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سوال اٿاري ڇڏيو.
پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ هن چيو ته ”توهان کي پنهنجو توازن قائم رکڻ جا سبب بيان ڪرڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت گهربل آهي؟“