مان وزيراعظم جي صلاحڪار آهيان، خواجا آصف ڪنهن جي ايجنڊا تي تاريخي دوري کي بدنام ڪري رهيو آهي؟ شمع جوڻيجو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ گڏيل قومن جي دوري ۾ شامل رهندڙ عورت شمع جوڻيجو جو بيان سامهون اچي ويو.
شمع جوڻيجو دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ وزيراعظم جي صلاحڪار جي حيثيت سان پاڪستاني مشن ۾ شامل هئي ۽ کيس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير لکڻ جو ڪم سونپيو ويو هو.
واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي تنقيد کان پوءِ پرڏيهي وزارت وضاحت ڏني هئي ته شمع جوڻيجو وفد جو حصو نه هئي.
پر هاڻي سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي جاري پنهنجي وضاحتي بيان شمع جوڻيجو لکيو ته ”مان ڪيئي مهينن کان وزيراعظم لاءِ پاليسي بريفس ۽ صلاحون ۽ نقطا سڀ رڪارڊ جو حصو آهن ۽ محفوظ آهن.“
هن چيو ته ” وزيراعظم پاڻ مون کي تقرير لکڻ جو ڪم ڏنو ۽ وفد ۾ شامل ڪيو، منهنجو نالو باظابطا صلاحڪار طور رجسٽر ٿيو ۽ سيڪيورٽي پاس جاري ٿيو.“
سندس چوڻ هو ته ” مان وزيراعظم سان گڏ سفر ڪيو، ساڳئي هوٽل ۾ رهيس ۽ بل گيٽس سان ملاقات سميت اهم سرگرمين جو حصو ورتو.“
هن اِهو به چيو ته ” موسمياتي ڪانفرنس ۽ اي آءِ ڪانفرنس ۾ به خواجا آصف ۽ ٻين اڳواڻن جي پويان ويٺي رهيس.“
شمع جوڻيجو چيو ته وزيراعظم جي تاريخي تقرير ٽيم ورڪ جو نتيجو هئي، جيڪا رڳو هن نه لکي هئي.“
سندس چوڻ هو ” خواجا آصف هاڻي اهڙا بيان ڇو ڏئي رهيو آهي ۽ ڪهڙي ايجنڊا تحت حڪومت جي تاريخي دوري کي بدنام ڪري رهيو آهي؟ وزيراعظم کي کائنس پڇاڻو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سندس اختيار کي چئلينج ڪيو ويو آهي، منهنجي نه.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.