ايشيائي ڪرڪيٽ تي حڪمرانيءَ لاءِ پاڪستان۽ ڀارت ۾ آخري دنگل، گرين شرٽس فتح لاءِ پرعزم

دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيائي ڪرڪيٽ تي حڪراني لاءِ آخري دنگل اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2025 جي فائنل ۾ اڄ دبئي ۾ دوبدو ٿينديون.
ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪ-ڀارت فائنل ٿي رهيو آهي.
فائنل لاءِ گرين شرٽس پُرعزم ۽ کٽڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته شوقين به انتهائي پرجوش آهن ۽ پاڪستان جي کٽڻ جون اميدون برقرار آهن.
پاڪستاني ٽيم ڇنڇر تي فائنل کان اڳ ڀرپور پريڪٽس ڪئي.
ڪپتان سلمان علي آغا پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پراميد آهيون ته فائنل ۾ ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي، ايشيا ڪپ کٽڻ آيا هئاسين، کٽي ڏيهه واپس ورنداسين.
ايشيا ڪپ 2025 ۾ ڀارت پاڪستان کي ٻنهي ميچن ۾ شڪست ڏني، پر ان کانسواءِ پاڪستان اڃا تائين ايشيا جي هر ٽيم کي هارائي چڪو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون گهڻ ملڪي ٽورنامينٽس ۾ هيل تائين 5 ڀيرا فائنل ۾ آمهون سامهون ٿيون آهن، جتي پاڪستان کي ڀارت تي سرسي حاصل آهي، يعني پاڪستان 3 ڀيرا جڏهن ته ڀارت 2 ڀيرا پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.