شمع جوڻيجو جي وفد ۾ شموليت جي منظوري وزيراعظم ڏني؟

اسلام آباد/نيو يارڪ (بيورو/م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل شمع جوڻيجو جي موجودگي تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. عورت پاڻ کي دفاعي تجزئي نگار طور ظاهر ڪري ٿي ۽ ڪجهه ڌرين طرفان ان تي اسرائيل جي حمايت جو الزام لڳايو ويو آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف جڏهن جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو ته شمع جوڻيجو سندس پٺيان واري سيٽ تي ويٺي هئي. جڏهن سندس اها تصوير سامهون آئي ته سوشل ميڊيا واهپيدارن اهڙي اهم دوري ۽ پوءِ جنرل اسيمبلي ۾ هڪ اهم سيٽ تي هڪ تڪراري شخصيت جي موجودگي بابت سوال اٿاريا. ڊاڪٽر شمع جوڻيجو هڪ برطانوي ڄائي پاڪستاني سياسي تجزئي نگار، صحافي، ۽ وڪيل آهي جيڪا پاڪستاني سياست تي پنهنجي تبصرن لاءِ مشهور آهي. شمع جوڻيجو فوجي اخلاقيات ۾ پي ايڇ ڊي ۽ صحافت ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ تمغا امتياز ماڻي چڪي آهي پر اڪثر تڪراري رهي آهي. شمع جوڻيجو کي هڪ تڪراري شخصيت سمجهيو ويندو آهي، جيڪا سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي جي معاملن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي رهي آهي ۽ ماضي ۾ پاڪستان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي به حمايت ڪئي آهي. هن اهم دوري تي پاڪستاني وفد جو حصو هجڻ تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. تنقيد تيز ٿيڻ کان پوءِ، بچاءُ واري وزير خواجا آصف شمع جوڻيجو سان ڪنهن به واقفيت کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته پرڏيهي آفيس پڻ شمع جوڻيجو کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. شمع جوڻيجو جي هن تصوير کان پوءِ، خواجا آصف کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اهو پرڏيهي آفيس جو فيصلو آهي ته ڪير ڪهڙي سيٽ تي ويهندو. ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ بچاءَ واري وزير واضح ڪيو ته، هي عورت ڪير آهي، هوءَ وفد جو حصو ڇو آهي ۽ هن کي منهنجي پويان ڇو ويهاريو ويو؟ رڳو پرڏيهي آفيس ئي انهن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿي. خواجه آصف واضح ڪيو ته فلسطين سان سندس وابستگي ذاتي ۽ جذباتي آهي. هن لکيو ته "فلسطين سان منهنجا لاڳاپا 60 تي ٻڌل آهن. ابو ظهبي بينڪ ۾ ڪم ڪندي مون فلسطينين سان دوستي ڪئي ۽ اڄ به انهن سان منهنجو تعلق آهي. اسرائيل ۽ صهيونزم بابت منهنجا خيال نفرت کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. ٻئي طرف، پرڏيهي آفيس پڻ شمع جوڻيجو سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تازي اجلاس ۾ بچاءُ واري وزير جي پويان هڪ عورت جي سيٽ بابت اٿاريل سوالن جو نوٽيس ورتو آهي. پرڏيهي آفيس هڪ وضاحت جاري ڪندي چيو ته لاڳاپيل عورت جو نالو پاڪستان جي وفد لاءِ 80هين جنرل اسيمبلي اجلاس جي ان سرٽيفڪيٽ ۾ شامل ناهي، جنهن تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صحيحون ڪيون ويون. ان لاءِ بچاءَ واري وزير پٺيان سندس سيٽ کي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي منظوري حاصل نه هئي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سندس هڪ تصوير سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو. صحافڻ عائشا صديقا لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي پرواه ناهي ته هو (شمع جونيجو) نيتن ياهو بابت ڇا چوي ٿي. اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان تنقيد ڪئي ۽ لکيو ته پاڪستان جي نمائندگي هڪ اسرائيل نواز شخص کي ڏيڻ پاڪستانين جي توهين آهي. صحافڻ مهوش قماس خان، شمع جوڻيجو سان گڏ بچاءُ واري وزير جي تصوير شيئر ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته خواجا آصف شمع جوڻيجو کي نٿو سڃاڻي. تنقيد جو بنيادي سبب اهو آهي ته شمع جوڻيجو ماضي ۾ اسرائيل جي حق ۾ بيان ڏنا آهن. بچاءَ واري وزير ۽ پرڏيهي آفيس جي لاتعلقي ظاهر ڪرڻ کان اڳ، شمع جوڻيجو دعويٰ ڪئي هئي ته هوءَ نه رڳو وزيراعظم سان گڏ سندس جهاز تي گڏيل قومن ڏانهن وئي هئي، پر کيس وزيراعظم جون تقريرون لکڻ جو به ڪم ڏنو ويو هو. انهن اها به دعويٰ ڪئي ته کيس ڳجهن سرڪاري دستاويزن تائين رسائي هئي. ڊاڪٽر شمع جوڻيجو، پاڻ تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي لکيو ته  ڀارتي ۽ اسرائيلي لابي جو سڄو مقصد وزيراعظم جي گڏيل قومن ۾ تاريخي تقرير ۽ صدر ٽرمپ سان سندس ملاقات تان ڌيان هٽائڻ آهي. هن اسرائيلي وزيراعظم جي گڏيل قومن ۾ خطاب دوران پاڪستاني وفد جي واڪ آئوٽ ڪرڻ جي وڊيو پڻ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته، جڏهن جنگي ڏوهي نيتن ياهو جنرل اسيمبلي ۾ داخل ٿيو ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو.

شمع جوڻيجو واري معاملي جي پاڪستان پهچي جاچ ڪندس:خواجا آصف

نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته مان جاچ وٺي ٻڌائيندس ته شمع جوڻيجو ايئرفورس جي جهاز ۾ ويهي ڪيئن آمريڪا پهتي،هوٽل جي لابي ۾ هن مون سان فوٽو ڪڍرايو هو،مان ان عورت جو پس منظر نٿو ڄاڻان،نالي سان واقف آهيان،هو سوشل ميڊيا تي سرگرم آهي،هن چيو ته مون ڪنهن کان نه پڇيو ته شمع جوڻيجو اسان جي وفد ۾ ڇو آئي آهي،؟هن وزيراعظم جي يو اين واري تقرير ناهي لکي نه ئي هو وزيراعظم جي ايڊوائزر آهي،هن جي ڪا به سرڪاري پوزيشن ناهي، مون هن کي لنڊن واري هوٽل ۾ ڏٺو،مان ڊسٽرب ٿيس ته هو اسان جي وفد ۾ اچي سگهي پئي؟ جنهن کي ڪير اوون به نه پيو ڪري، وزيراعظم هن کي وفد ۾ شامل نه ڪيو،پاڪستان پهچي ان معاملي جي انڪوائري ڪندس.

شمع جوڻيجو جي وفد ۾ شموليت جي منظوري وزيراعظم ڏني؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ٿيل اجلاس دوران پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف جي پويان ويٺل عورت بابت ڪيترن ئي سوال اٿيا هئا۔ذريعن موجب اها عورت ڊاڪٽر شمع جوڻيجو آهي، جنهن جو تعلق برطانيه سان آهي۔ هوءَ برطانيه ۾ هڪ ٿنڪ ٽينڪ سان لاڳاپيل آهي ۽ سندن سڌو تعلق نه پرڏيهي وزارت سان آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي ڪنهن ٻي وزارت سان۔جيو نيوز جي نمائندي کي ملي ويل معلومات مطابق ڊاڪٽر شمع جوڻيجو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وفد ۾ شامل هئي ۽ سندن وفد ۾ شموليت جي منظوري به ممڪن آهي ته سڌي طرح وزيراعظم طرفان ڏني  وئي هجي۔ البت اهو واضح ناهي ته کين خاص طور وزير دفاع خواجه آصف جي پويان ويهڻ جي اجازت به ڏني وئي هئي يا اهو رڳو اتفاق هو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.