راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٽرائل روڪڻ بابت داخل درخواست خارج ڪندي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان طرفان ٽرائل روڪڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عمران خان جي قانوني ٽيم طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس جو ٽرائل روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.
داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته وڊيو لنڪ ٽرائل بابت لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جو فيصلو اچڻ تائين ٽرائل روڪيو وڃي.
ٻڌڻي دوران عدالت 8 شاهدن کي ٻيهر طلب ڪرڻ بابت درخواست تي فريادي ڌر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت طرفان ٻڌڻي دوران فرياديءَ جي ٽن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، شاهدن ۾ ڊي ايس پي اڪبر عباس، انسپيڪٽر عصمت ڪمال ۽ انسپيڪٽر تهذيب الحسن شامل هئا.
ان کانپوءِ عدالت عمران خان جي ليگل ٽيم طرفان ايڇ ڪيو حملي ڪيس جو ٽرائل روڪڻ جي استدعا رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like